اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ??ه ادا??ن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام جو اهم حصو آهي. ادا??ن جي وقت سر ۽ شفاف نجڪاريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادا??ن جي نجڪاريءَ جو هفتيوار جائزه اجلاس نجڪاري وزارت ۾ منعقد ٿيو. نجڪاري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ سيڪريٽري نجڪاري سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن شر??ت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي مختلف سرڪاري ادا??ن جي نجڪاريءَ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تف??يل?? بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران جناح ڪنيونشن سينٽر، ايس ايم اي بئنڪ، پارڪ ري انشورنس سميت ٻين مختلف ادا??ن جي نجڪاري جي معاملن تي تف??يل?? جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير کي سرڪاري پراپرٽيز جي وِڪري، پاڪستان اس??يل ملز جي بحالي ۽ـ سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ بابت به تف??يل?? بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ڊويزن طرفان هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي بورڊ جي منظوريءَ لاءِ سمري وزيراعظم آفيس موڪلي وئي آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه مان بورڊ جي منظوريءَ کانپوءِ ايڪسپريشن اينڊ انٽريشن شايع ڪيا ويندا. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ جي اڪائونٽس جي آڊٽ لاءِ آڊٽ فرم جي خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ادا??ن جي نجڪاري موجوده حڪومت جي معاشي سڌا??ن جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي.