اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي وسيع امڪان رک??دڙ مسلسل پکڙج??دڙ عالمي آءِ ٽي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪن. هو جوائنٽ ڪلچرل سوسائٽي فار ڪميونيٽيز ڪوليبريشن جي اهتمام هيٺ ”ڊيجيٽل دنيا ۾ موجود ڪاروباري رخ“ جي عنوان سا?? منعقد عالمي ويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ويبينار جو اهتمام ڊيجيٽل دنيا جي ويزن، رجحانن ۽ مصنوعي ذهانت ۾ تازي ترين تبديلين تي غور ۽ نوجوانن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪيو ويو هو جنهن ۾ سڄي دنيا مان ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا جي پروسيسنگ?? مصنوعي ذهانت جي تجزيي، توانائي ۽ ٿ??ي ڊي مينوفيڪچرنگ جنهن ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا، سوشل نيٽ ورڪنگ سميت ٻيا معاملا شامل آهن، انهن شعبن ۾ وڏو انقلاب اچي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت تربيت يافته نوجوانن جي خواهش موجب ٽيڪنالاجي جي دنيا جي لاءِ انساني وسيلا تيار ڪيا آهن، ڊيجيٽل مهارت جي پروگرام ذريعي 24 لک مان درخواست ڏي??دڙ 16 لک ماڻهو اي??دڙ مرحلي ۾ هليا ويا، ان کانسواءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پڻ مفت ڪورسز فراهم ڪري رهيو آهي. هن عوا?? تي زور ڏنو ته اها سا??ٽ ويئر ۽ سمارٽ ايپس کي تيار ڪرڻ سکي ڇو ته سمارٽ ايپس ڊيولپرز ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳولا ۾ آهن، چين مختلف ايپلي ڪيشنز کي ڊيولپ ڪندي ڪندي پنهنجو سا??ٽ ويئر تيار ڪري ورتو.