اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي جي صلاحڪار قومي سلامتي پاليسي س??ني?? ڪ??يٽ?? کي پيش ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر معيد يوسف پاران س??ني?? جي دفاعي ڪ??يٽ?? کي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان ڪئميرا اجلاس ۾ هڪ جامع بريفنگ ڏني وني. س??ني?? سيڪريٽريٽ پاران جاري پريس رليز موجب بريفنگ دوران قومي سلامتي پاليسي جي خصوصي رخن، ان جي مختلف پاسن، جاري ۽ لاڳو ڪرڻ جي مدي جي تعين بابت معاملن تي بحث ڪيو ويو. قومي سلامتي جي صلاحڪار پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل ۽ پاليسي جي نمايان خاصيتن کان آگاهه ڪيو. نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي جوڙجڪ جو عمل 2014ع ۾ ان وقت شروع ڪيو ويو جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن بڻايو ويو هو، گذريل 7 سالن ۾ وفاقي وزارت??، صوبائي حڪومتن ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل ڌرين سان هڪ بين الحڪومتي مشاورتي عمل شروع ڪيو ويو جڏهن ته تعليمي ماهرن، يونيورسٽي جي شاگردن، آزاد پاليسي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي جي ٻين ميمبرن سان به مشاورت ڪئي وئي، س??ني?? جي دفاعي ڪ??يٽ?? قومي سلامتي جي پاليسي کي هڪ بهترين قدم قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪئي جيڪا اڳوڻين حڪومتن پاران ڪيل قومي سلامتي تي ڪم کي اڳتي وڌائيندي آهي. س??ني?? جي دفاعي ڪ??يٽ?? جي چيئرمين س??ني??ر مشاهد حسين سيد چيو ته بدلجندڙ عالمي منظرنامي کي ڏسندي قومي سلامتي کي صرف عسڪري قوت جي لحاظ کان بيان نٿو ڪري سگهجي. ان جو دائره ڪار هاڻي صحت، آبادي جي انتظام، وبائي مرض، موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي، پاڻي جي کوٽ ۽ تعليم جهڙن انساني سلامتي جي چئلينجن کي وڌائڻ گهرجي. هن ان ڳ??له?? تي به زور ڏنو ته ڪشمير ۽ نيو ڪليئر پروگرام پاڪستان جي بنيادي قومي مفادن جو مرڪز آهي ۽ ان جو فروغ ۽ تحفظ مقدم رهڻ گهرجي، هن پاڪستان جي بياني کي ٻاهرين دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ جديد ترين، جامع، پيشيوراڻي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ پارلياماني سفارتڪاري اهم اهميت رکندڙ آهي. س??ني??ر مشاهد حسين سيد چيو ته قومي سلامتي جي پاليسي جيڪا متعصباڻي سياست کان مٿانهون آهي، کي پارليامينٽ جي ذريعي وسيع سياسي اتفاق راءِ رکندڙ هجڻ ضروري آهي ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ اختيار ڪيل پاليسين جو بنياد اداره جاتي فيصلا سازي هجڻ گهرجي، اجلاس ۾ س??ني??رن فيصل جاويد، رخسانه زبيري، ڊاڪٽر زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، هدايت الله ۽ وليد اقبال شرڪت ڪئي.