اسلام آباد– 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي آر وائي ڊجيٽل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو آ??يسر (سي اي او) سلمان اقبال پاران سندس درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ مل??زمن جي پگهارن ۾ اضافي تي واکاڻ ڪئي آهي. جمعي ڏينهن ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ مل??زمن جون پگهارون وڌائڻ تي آئون اي آر وائي ڊجيٽل نيٽ ورڪ جي سي اي او ۽ صدر سلمان اقبال جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻين ڪمپنين کي به اپيل آهي ته جن گذريل سال دوران رڪارڊ منافعو ڪيو آ??ي اهي به پنهنجي مل??زمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن.