اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 ه??ار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايتن کي نظرثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪي?? وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظرثاني جي نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سيڪريٽري شڪايتن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي اد??رن جي ڪل هڪ لک 7 ه??ار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ??نو آهي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 ه??ار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت اد??رن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت اد??رن جي 27 ه??ار شڪايتن کي کوليو ويندو ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتن تي نظرثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.