اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستا?? جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، بلوچستا?? جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن خاص معاون نوابزاده شاهه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستا?? جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي مسئلن ۽ انه?? جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.