لاهور – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته مخا??ف ڌر وارا جيترو چاهين واسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين انهن جي آخري منزل اڊيالا جيل آهي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ مخا??ف ڌر هڪ ٻئي جي خلاف بي اعتمادي ڪندا، اتحادي اسان جا لاڏلا آهن ۽ انهن کي سدائين سيني سا?? لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سا?? گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حافظ آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ مخا??ف ڌر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي خلاف بي اعتمادي ڪندا، اتحادي اسان جا لاڏلا آهن ۽ انهن کي سدائين سيني سا?? لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سا?? گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان اڳ اسلام آباد ڊي چوڪ ۾ وڏي عوامي ميڙ سا?? مخا??ف ڌر جون اکيون کلي وينديون، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي دور ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واعدو ڪيو هو ته هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندو ۽ نه قوم جو ڪنڌ جهڪڻ ڏيندو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت ۽ اسلامو فوبيا جو ڪيس جهڙي طرح وڙهيو پوري دنيا ان جي معترف آهي ۽ وزيراعظم عمران خان غيرملڪي قوتن کي ايبسوليوٽلي ناٽ چئي قوم جو ڳاٽ فخر سا?? بلند ڪري ڇڏي?? آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد ۽ خودمختيار پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو وي?? آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان کي هن وقت عمران خان جهڙي دلير قيادت ۽ ليڊر جي ضرورت آهي، عوام پرچيءَ واري وزيراعظم کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ڪندي. هن چيو ته مخا??ف ڌر وارا جيترو چاهين واسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين پر انهن جي آخري منزل اڊيالا جيل آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي جي صورت ۾ ملڪ ۾ انارڪي جي خدشي وارو بيان ملڪي حالتن کي خراب ڪرڻ جو اشار?? آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته مخا??ف ڌر جا ماڻهو ۽ انهن جا ننها مُنا ٻار رڳو پنهنجي ڪرپشن جي رقم کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهن، انهن جي ڪا قومي ايجن??ا نه آهي رڳو ذاتي ايجنڊا آهي.