اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف پاران بر??ڊ ش??ٽ جي مالڪ جيڪو پاڻ نيب جو ڏوهاري آهي، جي گواهي تي پريس ڪانفرنس سندس بوکلاهٽ جو اظهار آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته شر??ف خاندان جي ڪرپشن جو ثبوت انهن جي بئنڪ اڪائونٽس کان وٺي لنڊن جا مهانگي ترين اپارٽمينٽس آهن، ڪيلبري فونٽ جو جعلي حلف نامو يا م??يم جا بيان، هر لفظ ڪرپشن لڪائڻ جو بيانيو آهي.