اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج ۽ ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها، ڀائراڻا لاڳاپا ۽ تاريخي رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي ??زي?? شهزاده فيصل بن فرحان السع??د سان ملاقات دوران ڪيو. ??زي??اعظم عمران خان پاڪستان سعودي عرب لاڳاپن جي خصوصي اهميت تي زور ڏنو جيڪي ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل ??هن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو ذڪر ڪندي ??زي??اعظم عمران خان تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ??زي??اعظم اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کي اسلامي دنيا جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم طور تي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. اسلامي دنيا کي درپيش مسئلن جو ذڪر ڪندي ??زي??اعظم امت کي درپيش ڪي??رن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج تي روشني وجهندي ??زي??اعظم عمران خان ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن، افغانستان جي صورتحال ۽ ڀارت جي عيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??زي??اعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي پرڏيهي ??زي?? شهزاده فيصل بن فرحان السعود او آءِ سي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ??زي??اعظم کي مبارڪباد ڏني.