راولپنڊي-14 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي ۽ دفاع لاءِ هر وقت چؤڪس ۽ تيار آهي، عوام جي حمايت فوج جي طاقت جو منبع آهي ۽ ان خ??اف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي، فوج کي سياسي معاملن ک??ن ڌار رکيو وڃي، پاڪستان جو مستقبل جمهوريت ۾ آهي، ان شاءَ الله پاڪستان ۾ ڪڏهن به مارشل لا نه ايندي ??رمي چيف نه ته مُدت ۾ واڌ جو خواهشمند آهي ۽ نه ئي قبول ڪندو. گذريل ڏينهن پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اڄ جي پريس بريفنگ جو مقصد قومي سلامتي جي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ آهي، ٻه ڏينهن اڳ آرمي چيف جي صدارت هيٺ فارميشن ڪمانڊرز جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي جي حوالي سان کنيل قدمن خاص ڪري اندروني سيڪيورٽي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستيءَ کي نظر ۾ رکندي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان کي صحيح رُخ ۾ بهترين قدم قرار ڏنو، سڀني اتفاق ڪيو ته جمهوريت ۽ ادارن جي مضبوطي، قانون جي بالادستي ۽ سڀني ادارن جو آئين جي دائره اختيار ۾ رهڻ ملڪي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سرحدي ??ورتحال مستحڪم آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به قسم جي صورتحال لاءِ مڪمل طور تيار آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَ خ??اف جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال جي پهرين 3 مهينن دوران مختلف ڪاررواين ۾ 128 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته 270 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، ان دوران 97 آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردن خ??اف ڪارروائيءَ ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهندي ??هادت ماڻي. هن چيو ته پاڪ فوج جا 168 آفيسر ۽ جوان گڏيل قومن جي امن مشن تحت عالمي امن لاءِ شهادت ماڻي. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته عوام جي حمايت فوج جي طاقت جو منع آهي ۽ ان خ??اف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته فوج کي سياسي معاملن ک??ن ڌار رکيو وڃي. تعميري تنقيد مناسب آهي، بي بنياد ڪردار ڪشي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. پاڪ فوج خ??اف منظم مهم هلائي پئي وڃي، عوام ۽ فوج وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي. هڪ سو??ل جي جواب ۾ ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته پاڪ فوج خط جي معاملي تي پنهنجو مؤقف قومي سلامتي ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو، ان جي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. هن چيو ته اسان جون ايجنسيون ۽ ادارا ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن، ڪنهن ملڪ طرف ميري اک سان ڏٺو ويو ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. سازش جي باري ۾ پُڇيل سو??ل جي جواب ۾ هن چيو ته پاڻ ڏسي ورتو قومي سلامتي جي پڌرائيءَ ۾ سازش جو لفظ آهي يا نه؟ پاڪستان خ??اف ڪنهن به قسم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ ٻئي سو??ل تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 9 اپريل جي رات وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي وزيراعظم سان ڪا ملاقات نه ٿي، ان حوالي سان سڀ ڳالهيون ڪوڙيون آهن. بي بي سي صفا واهيات اسٽوري شايع ڪئي، ان ک??ن وڏو ڪوڙ ڪنهن انٽرن:سنل ليڊنگ ايجنسي طرفان نٿو ٿي سگهي، اها هڪ من گهڙت اسٽوري هئي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ ڪي به آپشن نه ڏنا هئا، ڊيڊ لاڪ دوران وزيراعظم آفيس مان آرمي چيف سان رابطو ڪيو ويو ته ڪا وچ ٿري ڳالهه ڪريون، اسان جي سياسي جماعتن جي قيادت پاڻ ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي، جنهن تي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ اتي ويا جتي ڪيترن ئي رفيقن جي موجودگيءَ ۾ 3 شيون ڊسڪس ٿيون ته ڇا ٿي سگهي ٿو، ان ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ، بي اعتماديءَ جي رٿ ۽ وزيراعظم طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ شامل هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ٽئين آپشن تي وزيراعظم چيو ته اسان طرفان مخالف ڌُر سان ڳالهايو جنهن تي آرمي چيف پي ڊي ايم سامهون اها گذارش رکي. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل صرف ۽ صرف جمهوريت ۾ آهي ۽ ان جو دفاع ڪرڻ سڀني جو فرض آهي، جمهوريت ئي پاڪستان کي اڳتي وڌي ويندو، ان شاءَ الله پاڪستان ۾ ڪڏهن مارشل لا نه ايندي هڪ سو??ل جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان جو سياست سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، ڪنهن ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چونڊ ۾ ڪا مداخلت نه ٿي، جيڪڏهن ڪو ثبوت آهي ته اسان مداخلت ڪئي ته اها سامهون کڻي اچو. هن چيو ته انتشار لاءِ رٽائرڊ آفيسرن جا جعلي آڊيو پيغام پکيڙيا پيا وڃن، پروپيگنڊا ڪندڙن خ??اف لاڳاپيل ادارا ڪارروائي ڪري رهيا آهن. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته آرمي چيف نه ته مُدي ۾ واڌ جو خواهشمند آهي ۽ واڌ قبول ڪندو. آرمي چيف نومبر ۾ رٽائر ٿي ويندو، شهباز شريف جي وزيراعظم طور حلف برداريءَ واري تقريب ۾ آرمي چيف جو شريڪ نه ٿيڻ واري سو??ل تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جي ان ڏينهن طبيعت ٺيڪ نه هئي، هو آفيس پڻ نه اچي سگهيو. هڪ سو??ل جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آمريڪا طرفان فوجي اَڏن جو مطالبو نه ڪيو ويو، جيڪڏهن مطالبو ٿئي ها ته فوج جو به اهوئي مؤقف هجي ها جيڪو وزيراعظم جو هو. هن چيو ته ملڪ جا ايٽمي اثاثا محفوظ آهن، انهن بابت ڳالهه ڪندي محتاط رهڻ گهرجي. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته فوج يونٽي آف ڪمانڊ تي هلي ٿي، ??يڏ??نهن آرمي چيف ڏسي ٿو 7 لک فوج پڻ هوڏانهن ڏسي ٿي. ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي باري ۾ هڪ سو??ل جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، بلڪ ان خ??اف ڀرپور ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هڪ سو??ل جي جواب ۾ هن چيو ته جلسا ۽ ريليون جمهوريت جو حصو آهن ۽ هي آزاد فضا وڏين قربانين سان حاصل ٿي آهي، ادارن پنهنجي جانين تي کيڏي ملڪ ۾ محفوظ ماحول پيدا ڪيو آهي.