اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي ج?? سربراهه سردار اختر مينگل ۽ بلوچستان عوامي پارٽي ج?? پارلياماني ليڊر خالد مگسي ملاقات ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن وز??راعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ج?? لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وز??راعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اختر مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي مسل?? ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق ۽ را??ا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.