اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قومي ا??يمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سن??س پٽ سان تعزيت ??و اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب مرحوم جي پٽ عماد محمد علي سان فون تي ڳالهائيندي وزيراعظم اقبال محمد علي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف الن??س، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سن??س خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.