اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فيڪ نيوز پي ٽي آءِ جي سُڃاڻپ ۽ ڪوڙ سندن وطيرو آهي، اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٽوئيٽ ڪرڻ کان اڳ اه?? ته ڄاڻي وٺي ته ڪو به صحافي سرڪاري خرچ تي وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب جي دوري تي نه وڃي رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف به ذاتي خرچ تي سعودي عرب جو دورو ڪ??ي رهيو آهي. اڳوڻي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ٽوئيت تي ردعمل جو اظهار ڪندي مريم اورنگزيب يچ?? ته اڳوڻي وفاقي وزير کي صحافين جي خلاف واحيات بيان ڏيندي شرم اچڻ گهرجي، ڪو به صحافي سرڪاري خرچ تي وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب جي دوري تي نه وڃي رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف به ڪمرشل اڏام ذريعي پنهنجي ذاتي خرچ تي سعودي عرب وڃي رهيو آهي. هن چي?? ته شهباز شريف بطور پجاب جي وڏي وزير 10 سال تائين ٻاهرئين ملڪ سفر جا خرچ ذاتي کيسي مان ڪندو رهيو آهي پر سچائي ۽ پي ٽي آءِ ٻه متضاد شيون آهن. ميڊيا پي ٽي آءِ تي احسان ڪيو هو عمران خان چار سال پنهنجي شر کان ميڊيا کي ان جو خوب بدلو ڏنو. هن چي?? ته اهي ماڻهو جڏهن اقتدار ?? هئا ته چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪرايا ويندا ۽ صحافين جون پاسراٽيُون ٽوڙيون وينديون هيون، اقتدار مان رسوا ٿي نڪرڻ کانپوءِ هاڻي الزامن جون گوليون هلائي رهيا آهن. هن چي?? ته ڪڏهن صحافين کي سازش ۾ ملوث ڪريو ٿا ته ڪڏهن دورن جا ڪوڙا ٽوئيٽ هلايو ٿا. هن چي?? ته جيڪي چار سالن ۾ عوام جو اٽو، کنڊ، دوائون، روزگار، معيشت، بجلي، تيل گئس سڀ ڪجهه کائي ويا، انهن کي صحافين جي کاڌي تي تڪليف ٿي رهي آهي. هن چي?? ته هڪ ٽوئيٽ توشه خاني جي گهڙيءَ، هار ۽ مُنڊين تي به ڪري ڇڏيو پر ان جي لاءِ ضمير جو جاڳڻ شرط آهي. مريم اورنگزيب چي?? ته چار سال عمران صاحب ڪفايت شعاري جو جيڪو ڊرامو ڪيو، اهو اڄ تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مالي خساري جي شڪل ۾ سڀني جي سامهون آهي، ان لاءِ پنهنجا ليڪچر پاڻ وٽ رکو. هن چي?? ته مينهن جي نيلامي، بيضن، مرغين، پاڏن جا تماشا ڪندڙ ڪوڙ جو دڪان هلائڻ بند ڪريو.