اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف بڪين ۽ جيري جي اسپتال پاڪستان ڪڊني اينڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر سعيد اختر کي آمريڪا مان واپس گهرائي پوءِ پي ڪي ايل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شر??ف گذريل ڏينهن پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سال اڳ ڊاڪٽر سعيد اختر عدالتي ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا واپس هليو ويو هو، ڊاڪٽر سعيد اختر شهباز شر??ف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا مان سڀ ڪجهه ڇڏي پاڪستان آيو هو، وزيراعظم شهباز شر??ف ڊاڪٽر سعيد اختر کي واپس آڻڻ ۾ ذاتي طور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ڪي ايل آءِ ??ردي ۽ جگر جي پيوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شر??ف وڏي وزير طور اهو منصوبو جگر ۽ گردي جي مريضن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي مهانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ بڻايو هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو.