اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشاورت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سان واپار ۽ معيشت جي ??عبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي ??هدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊ?? سرجٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن کي ڊي??ار?? ڌمڪائڻ ۽ اسلامو فوبيا سان واڳيل تشدد جي واق??ن کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي. صدر چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي مان ايندڙ پناهگيرن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، پناهگيرن کي رنگ، نسل، مذهب يا علائقي جي فرق کانسواءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي ??بادي کي پناهگير بڻجڻ کان روڪي سگهجي. صدر چيو ته پناهگيرن جي ??نگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ميزبان ملڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سياحت ۽ مهمان نوازي جي ??عبن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ت??ربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪندو، پاڪستان معيشت ۽ واپار ۾ سوئيٽزرلينڊ سان ڊگهي مدي واري حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ملڪ جي ??ماجي ۽ اقتصادي ت??قي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان جي ??افٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪستان ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ انجنيئرنگ جي ??عبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پاڪستان ۾ ڪامياب مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.