گلگت – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدمن جي مذمت لاءِ اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ وانگر گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. گلگت بلتستان حڪومت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف تقريبن جو ??صو??ي اهتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشمير??ن جي حمايت ۾ سڄي گلگت بلتستان ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور شرڪت ڪندا. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ٿ??ندڙ پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندا ته پاڪستاني عوام خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فورسز جي ظلمن خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻ??ن تقريبن جو اهتمام ڪيو آهي. واضح رهي ته مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي آئ??ن جي شق 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن تحت ڪشمير کي ??صو??ي حيثيت ڏني وئي هئي.