اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪ??مير جي پرامن ماڻهن کي ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏه??ڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏه??ڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج اسان ڪشميري ڀائرن ڀينرن جو استحصال ڪ??ي رهي آهي. نجڪاري واري وزارت پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀارت 5 آگ??ٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪ??ي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪاري واري وزير چيو ته ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. نجڪاري واري وزير چيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور ??ي اڳ??ي اچن.