ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ??نڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ??يس?? تحت ٿيندڙ ريلي جي قياد?? ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن مزار قائد وي آءِ پي گيٽ تائين مارچ ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير گيانچند، ??نڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خصوصي صلاحڪار صادق ميمڻ، ??نڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي سي ??يس?? راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ??يس?? رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن به شرڪ?? ڪئي. ريلي جي شروعات تي صبح 9 وڳي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ڪشمير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اسان ڇو ملهائيندا آهيون. صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان کي جيڪڏهن ڪشميرين جي آزادي گهرجي ته هڪ هزار سالن تائين به وڙهڻو پيو ته اسان و??هنداسين، اڄ اسان جو اهو نعرو آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.