اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، مصنوعات جي واپار جي م??اهدن سان ٻنهي ملڪن جي لاءِ نيون راهون کلنديون، ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ معاه??ن تي پوري طرح عملدرآمد کي يقيني ب??اي?? ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري م??اهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. معاهدي تي واپار واري وفاقي وز??ر سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وز??ر مهمت مش صحيحون ڪيون. تقريب ۾ ناڻي وارو وز??ر مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، ماحوليات واري وفاقي وز??ر شيري رحمان، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن ۾ هي م??اهدو هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري م??اهد خوش آئنده آهن، ان تي ڪيترائي سال ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي. مئي ۾ اسان جي ترڪيه جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ ترڪيه پاران معاهدن جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو ويو. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي م??الي قيادت ۾ ترڪيه جي واپار واري وز??ر مهمت مش ۽ پاڪستان جي واپار واري وز??ر سيد نويد قمر ۽ ٻنهي ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تمام گهڻي م??نت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اهي م??اهدا طئي ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي وسيع گنجائش ۽ صلاحيت موجود آهي ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ اسان ڀرپور عزم رکون ٿا. ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي م??تحڪم بڻائڻ جي لاءِ نيون راهون کلنديون ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اسان ان معاهدي تي پوري طرح عملدرآمد کي يقيني ب??اي?? آهي. تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وز??ر سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ معاهدي تحت ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي م??نوعات جو واپار ڪري سگهندا ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي م??يشت مستحڪم ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيه واپار جي لاءِ مختلف شين تي هڪ ٻئي کي رعايت ڏني آهي. اسان پنهنجي ٻطرفي واپار جو ماپو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ان معاهدي سان اسان کي پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقا ان مان فائديمند ٿيندا. ترڪيه جي واپار واري وز??ر مهمت مش چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي ڊگهي عرصي کان گڏيل واپار جي فروغ لاءِ ان معاهدي جي ضرورت هئي. مئي ۾ وز??راعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري دوران ان تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان معاهدي سان پنهنجو ٻطرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهنداسين. واپار جو فروغ هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن جي لاءِ اسان کي گڏجي چئلينجن تي ضابطو آڻڻو آهي.