ڪوئيٽا – 12 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي و??ي وزير مير عبدالقدوس بزنجو آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ساده پر پروقار انداز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڄي بلوچستان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قومي جوش ۽ جذبي سان سادي ۽ پروقار طريقي سان ملهائي ويندي، و??ي وزير چيو ته هن وقت صوبو شديد برساتن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشر?? جي سرندي وارن جي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحال?? جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان هيليڪاپٽر حادثي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻاهر ناه??ون نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ آزاد?? جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي پر سادگي سان ملهايو ويندو.