سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ م??اث?? علائقن جو دورو ڪيو، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وزيراعظم کي م??اث??ين جي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. سکر ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ م??اث??ين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪٽجي ويو آه??، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آه??، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ م??اث??ين کي دوائون ۽ کاڌو فر??هم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ م??اث??ين سان ملاقات پڻ ڪئي.