پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي هو ٻارن سميت ٻوڏ متاثرين سان مليو ۽ انهن کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوشهره ضل??ي جي ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ??يو ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا قومي تعميراتي ادارا ٻوڏ متاثرين تائين پهچڻ ۽ انهن کي هنگامي بنيادن تي ضروري امداد ??را??م ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ايندو ۽ متاثرين پنهنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزيراعظم ڪئمپ جي اندر ٻوڏ متاثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف متاثرين کي چيو ته هو ??اڪ??تان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن سان پيار جو اظهار ??يو. وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ايم پي اي اختيار اردلي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.