اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان مطابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي باري ۾ جر??ن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ??ير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون جي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان ??ي ٻوڏ متاثرين سان مڪمل ت??اون جاري رکندو. ان موقعي تي پاڪستان جو س??ير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.