اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ?? سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ??ڪومت ڪينيا مان ??رشد شريف جو لاش پاڪستان ??ڻڻ جي ل??ءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي والده س??ن تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي والده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شريف جي ميت جلد پاڪستان ??ڻڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ان ??لسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ارشد شريف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي ل??ءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي ل??ءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان ??ابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياريو ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان ??ندو ويندو.