اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪينيا جي صدر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي ۽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ تي زور ڏنو. جڏهن ته ڪينيا جي صدر واقعي تي افسوس ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري به ڪرائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستاني قوم ۽ ميڊيا برادري ??اران واقعي تي شديد ڳڻتي کان ڪينيا جي صدر کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم مرحوم ا??شد شريف جي ميت جي جلد واپسي ??اء?? ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بيان موجب ڪينيا جي صدر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڪينيا جي صدر واقعي جي جاچ رپورٽ جلد فراهم ڪرڻ ۽ مرحوم ا??شد شريف جي ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري ??ڻ ڪرائي.