اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پا??ستان کي شديد ترين ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ جو اڪثر حصو پا??ي هيٺ آهي، معاشي بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پا??ستان جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوپ – 27 ماحولياتي تبديلي جي اثرن، نقصانن ۽ بحالي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ماحولياتي تبديلي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پا??ستان ۾ تازي ٻوڏ پڻ موسمياتي تبديلي جي ڪري آئي. ??ن چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، خطرن کان بچڻ ۽ بحالي جي لاءِ پوري دنيا جي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو ??وندو ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ٻوڏ جي ڪري پا??ستان کي شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو ??يو آهي. ??ن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، پا??ستان کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ??ن چيو ته پا??ستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو ??قصان پهتو آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو ??وندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جو حل ڳولي.