اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ايندڙ هفتي عالمي شراڪتدارن سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي، ن??ين سر تعمير تي ٻڌل (آر ايف ايس 4) جو هڪ جامع فريم ورڪ شيئر ڪندي ته جيئن ان کي باقاعده طور تي ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪا ايندڙ سال جنوري ۾ منعقد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جي حوالي سان ڊونرز سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر انفرااسٽرڪچر، عالمي شراڪتدارن ۽ سمورن سفارتخانن جي نمائندن ش??ڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي جامع فريم ورڪ حصيدارن سان شيئر ڪيو ويندو ته جيئن هو ان جو مطالعو ڪري ??گهن ۽ انهن جي قيمتي راءِ سان منصوبابندي واري وزارت کي مدد ملندي جنهن کي باقاعده طور تي جنوري ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير عالمي شراڪتدارن تي بحالي جي مرحلي ۾ پاڪستان جي مدد ??ا??ي رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڊونرز ٻوڏ کان فورن پوءِ ريسڪيو ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي پاڪستان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته هي سلسلو ايندڙ مرحلي ۾ جا??ي رهندو. اجلاس ۾ منصوبابندي وزارت جي عملدارن ش??ڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي آر ايف ايس 4 جي اهميت تي روشني وڌي، جن 17 شعبن خاص طور تي انفرا اسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت تي عملدرآمد لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ جن کي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو. وڌيڪ اقتصادي معاملن واري ??يڪريٽري ????ڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ سندن وزارت پڻ ان عمل ۾ شريڪ آهي ۽ اڄ ڊونرز سان هڪ اهم اجلاس ٿيندو . ان موقعي تي ڊونرز حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئنده ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مدد ??ا??ي رکڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.