اسلام ??باد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ اربع ڏينهن ٿيندڙ دهشتگردي جي ان بزدلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪ??مت ۽ ??وا?? سوڳوار خاندانن سان پنهنجي گ??ري همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪن ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون.