اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته بلوچستان جي ترق?? حڪومت جي اولين ترجيح آهي، معاشي ترقي ۽ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سي??يٽر ثنا جمالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سي??يٽر ثنا جمالي بلوچستان جي ترقي لاءِ وفاق?? حڪومت جي قدمن ۽ گوادر بندرگاهه کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ حڪمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.