اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي قومي اسيمبلي جي 5 ميمبرن کي خصوصي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي مقرري اعزازي تصور ٿيندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد اجم?? خان، شائسته پرويز م??ڪ، محمد حامد حميد، قيصر احمد شيخ ۽ ملڪ سهي?? خان کي پنهنجو خصوصي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي.