اسلام ??باد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل زاده ڪسرت راءِ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقع?? تي ڳالهائيندي چيو ته ٻين سماجي موضوعن خاص طور تي بريسٽ ڪينسر، پوليو ۽ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به پيادل سفر ڪري آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيادل سفر ڪرڻ ذريعي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ تي کرل زاده ڪسرت راءِ کي ساراهيو. کرل زاده ڪسرت راءِ پيادل سفر ۾ سهولتن جي لاءِ حڪومتي تعاون جي درخواست ڪندي چيو ته 29 ملڪن جو دورو ڪري چڪو آه??ان، پيادل سفر ڪري مختلف سماجي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪندو آه??ان. امن، انساني حقن ?? بين المذاهب هم آه??گي جهڙن مضمونن تي پيادل سفر ڪيو. هن چيو ته سماجي مضمونن تي آگاهي لاءِ هيستائين 16 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پيادل سفر ڪيو آه??.