اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عورت سفارتڪارن کي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندي بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ پاڻ کي پيشيواراڻي مهارت جي علامت ثابت ڪرڻ تي شاندار خر??ج تحسين پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان م??عقد تقريب ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۽ ٻين م??ڪن جي عورت سفارتڪارن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستان جي عورتن اڻ??ٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ اهي ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته انهن خدمتن م??ڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وڌيڪ اهو ته پاڪستان جون عورتون سدائين نوان معيار قائم ڪرڻ ج?? لاءِ تيار آهن. هن م??ڪ جي خدمت ۾ عورت پاڪستاني سفارتڪارن جي شاندار خدمتن جو اعتراف ڪيو جيڪي روايتي جوش، جذبي ۽ محنت سان پاڪستان ۽ ٻاهرئين م??ڪ ڪم ڪري رهيون آهن. عورت سفارتڪارن پينل مباحثي ۾ پنهنجي ملڪن جي لاءِ انهن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار تي روشني وڌي. بحث ۾ حصو وٺندڙن ۾ پاڪستان ۾ مالديپ جي هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر، آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ، پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا، چين جي ناظم الامور پينگ چنڪسو ۽ فلپائن جي ناظم الامور ماريا اگنيس شامل هيون. ان م??قعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ان جي وزارت جو 45 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مثالي پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جي 51 سيڪڙو عورت آبادي کي هڪ قابل قدر افرادي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن جو ڏينهن م??هائيندي عورتن کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي مردن جي تعاون تي ٻڌل ڪردار جو پڻ اعتراف ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ۽ ڊائريڪٽر ايشيا بحرالڪاهل ممتاز زهره بلوچ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انهن عورت سفارتڪارن کي ساراهيو جن پنهنجي ملڪن جي لاءِ جوش ۽ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان م??قعي تي سفارتڪاري جي شعبي ۾ نئين بلندين تي پهچڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ تي پاڪستاني عورتن کي خر??ج تحسين پيش ڪيو ويو.