ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه جي بحالي ۾ وڪيل برادري اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس سنڌ ۾ قانو?? جي حڪمراني جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خاص مهما?? جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قانو?? جي حڪمراني ۽ جمهوريت کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ??ه اسان کي ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ جي لاءِ گهربل قربانين کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قانو?? جي حڪمراني جي لاءِ مشاورت ضروري آهي پر مشاورت جي عمل ۾ غيراهم عمل رڪاوٽ آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ??ه اها ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تشدد ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وڪيلن کي جمهوري عمل جي تسلسل ۽ قانو?? جي حڪمراني کي ا?? جي روح سان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جمهوري عمل سان قائم ٿيو ۽ ا?? جي ترقي جمهوريت جي تسلسل سان ئي ممڪن آهي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيش?? جي صدر شاهد زبيري، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر نعيم قريشي ۽ ايڊووڪيٽ رياض آفندي پڻ خطاب ڪيو.