اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پاران سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بي??ن موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ته اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ترجمان چيو ته اسان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار کي ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻ??لهه جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ??ن مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت کي ساراهيون ٿا. بي??ن موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ۽ هم ??هن??ي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم ??هن??ي جي لاءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.