اسلام آبا?? – 16 – مارچ (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري صحافي مسع??د الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته مسع??د الله خان جي لاڏاڻي جو ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو. مرحوم صحافت جي آزادي جي جدوجهد جو هيرو هو. هن چ??و ته مسع??د الله خان انهن صحافين ۾ شامل هو جن جمهوريت جي لاءِ سخت مصيبتون برداشت ڪيون. سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.