اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ام??ٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مسلمان ملڪن کي مختلف شعبن ۾ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن وقت اوپن سورس علم جي ڪثرت موجود آهي جنهن مان مسلمان ملڪن کي مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن ??و اظهار سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون (??ام??ٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سائينٽفڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??ام??ٽيڪ جو ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪ??ر ايم اقبال چوڌري وفد جي قياد?? ڪري رهيو هو. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي جي ڪري دنيا تيزي سان تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ اسلامي ملڪن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته علم جي دستيابي ۽ جمهوريت وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا آهن جنهن مان مسلمان ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. صدر مصنوعي ذهانت جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مسلمان ملڪن کي درپيش مسئلن ??ا حل ڳولڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ??ام??ٽيڪ جي سائنسي مشاورتي طريقيڪار سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ??ڻ مدد ملندي. وفد صدر کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??ام??ٽيڪ پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ چئلينجز ۽ موقعن تي روشني وڌي ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون. صدر شرڪت ڪندڙن پاران پيش ڪيل خيالن ??ان گڏوگڏ ??ام??ٽيڪ پاران ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.