باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دف??ع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شع??ن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، اسان پ??هن??ي بهتري?? لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جي گڏيل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دف??ع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شع??ن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته هو ۽ ان جو وفد پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ پاڪستاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي پاڪستان ??ي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي گڏيل عزم اسان جي ٻطرف?? لاڳاپن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.