اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان جي عو??تن جون صلاحيتون دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن، عو??تن کي سڀني شعبن ۾ نمائندگي ڏئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي گامزن ڪري سگهجي ٿو. عو??تن جي منشور جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه ??هي ته مان اڄ عو??ت ڪاڪس جي تقريب ۾ موجود آهيان، عو??تن جي شموليت کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي عو??تن جون صلاحيتون دنيا جي ڪنهن به عو??ت کان گهٽ ناهن، مان عو??ت اسيمبلي ميمبرن کي تمام وڏي ذميداريءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي، مرد عو??تن کي معاشري ۾ اڳتي اچڻ ۾ رهنمائي ڪن. اسيمبلي ۾ صنفي امتياز کانسواءِ ??ڀ ميمبر برابر هوندا آهن صرف ۽ صرف معزز اسيمبلي ميمبر هوندا آهن. راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته جڏهن توهان پارليامينٽ ۾ آهيو ته اتي توهان کي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. عو??تون فوري طور تي سڌيءَ ريت چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهن ته گهٻرائڻو ناهي، پنهنجي لاڳاپيل س??اسي پارٽيءَ سان پنهنجي وابستگي جاري رکي وڃي، جڏهن سياسي پارٽيون عو??تن جي نمائندگيءَ تي سٺو سوچينديون آهن ته باقي پارٽيون به سوچينديون. بلوچستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ هڪ آهيون. ڪانفرنس ۾ عو??تن کي بااختيار بنائڻ لاءِ هاڪاري تجويزون پيش ڪيون ويون. ان تي عملدرآمد سان سٺا نتيجا ملندا. ان موقعي تي پارلياماني وومن ڪاڪس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهده رحماني سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڪامياب ڪانفرنس منعقد ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ وومن ڪاڪس جي ڪردار کي ساراهيو.