لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اج??ڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪن??ي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ??زيراعظم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الر??ما??، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. محمد شهباز شريف جي يو آءِ جي امير مولانا ضيا الله جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪن??ي چيو ته دهشتگردن اسلام، قرآن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪن??ڙن کي نشانو بنايو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستان جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪن??ي چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم جيو جي ڪيمرامين سميع الله سميت ڌماڪي ۾ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ انهن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به ??دايت ڪئي.