اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن جي فروغ لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي م??فرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وز??ر حسين امير عبداللهيان سان ملاقات جي م??قعي تي ڪيو جنهن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ پاڪ ايران ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف 18 مئي 2023ع تي پشين – مند سرحدي بازار جي گڏيل افتتاح جي م??قعي تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو حوالو ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحدي علائقن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ کنيل قدم پاڪ ايران گڏيل ترجيحن جا واضح عڪاس آهن. وز??راعظم چيو ته ٻنهي م??ڪن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ان حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ايران جي صدر رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي هڪ محفوظ، خوشحال ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٺوس خطي جي حوالي سان سندس ويزن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. وز??راعظم پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي م??فرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ايران سميت ٻين اسلامي م??ڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي نفرت انگيز ڪاررواين جي خلاف هڪ متفقه موقف جو اظهار ڪرڻ گهرجي جنهن جو مقصد معاشرن ۽ برادرين جي اندر انتشار ۽ فرق جو ٻج ڇٽڻ آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايران لاڳاپا قيادت جي سطح تي متواتر مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون جي ترقي ۽ فروغ جي ضرورت آهي.