اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي ج??د کان جلد عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ??وئيٽ ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاور ڊويزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ مختلف وفاقي وزيرن سميت سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عوام کي بجلي ج?? بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانائي وا??ي وزارت ۽ ناڻي وا??ي وزارت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته مختلف سرڪاري ملازمن کي مفت يونٽس جي معاملي ت?? به تفصيلي رپورٽ طلب ڪ??ي ورتي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي ج?? استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به مشاورت ڪئي ويندي.