اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته او ??ءِ سي جي ڪشمير بابت خصوصي ??يلچي يوسف ايم الدوبي ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان هڪ اعزا?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي او ??ءِ سي جي تسلسل سان حم??يت تي ان جا ٿورائتا آهيون. اسلامو فوبيا ۾ عالمي سطح تي اضافي جي خلاف متحد ٿي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهيون.