اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان سان ل??ڳا??ن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آسيان کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ??يس ايس آءِ) ۾ آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري (آءِ ??يس ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود، ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر محمد اظهر مزلان، انڊونيشيا جي سفير ايڊم ايم ٽو??يو?? ويٽنام جي سفير نگوين ٽين ڦونگ، ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ کانسواءِ ??سيان جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي خرم راٺور، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي بي او ڊي جي چيئرمين سفير خالد محمود، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شعيب خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منص??بو (سي پيڪ) علائقائي رابطن جي لاءِ ??مام اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان آسيان جي سمورن ملڪن سان گڏيل فائدي تي ل??ڳا??ن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان متاثر سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته سارڪ تنظيم کي آسيان جي طرز تي ٺاهيو ويو هو. جيتوڻيڪ ڀارتي رويي سارڪ کي غيرفعال بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان آسيان سان اصولن جي مرڪزيت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازو ئي آسيان ملڪن جي سفارتڪارن جي لاءِ ??ربيتي پروگرام منعقد ڪيو. هن چيو ته امن ۽ سلامتي جي لاءِ ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي ضروري آهي. پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس کان پري رهڻ چاهي ٿو ۽ هو ملٽي ليٽرلزم تي يقين رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته پرامن ايشيا پيسفڪ پاڪستان جي ترجيح آهي ۽ هو آسيان ملڪن سان ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي. آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي پاڪستان ۽ آسيان جي ل??ڳا??ن کي وڌائڻ ۽ مستقبل جي امڪانن جي ڳولا جي موضوع تي ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي چائنا پاڪ اسٽڊي سينٽر ڪيو ويو. جنهن ۾ اسلام آباد ?? ٿيندڙ آسيان جي سفيرن کانسواءِ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، نگران پرڏيهي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آسيان جو عالمي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار آهي. 1967ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان آسيان جو علائقائي تعاون ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر ۽ آسيان ڪميٽي اسلام آباد جي چيئرمين محمد اظهر آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ ل??ڳا??ن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان موسمياتي تبديلي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. تقريب کي انڊونيشيا جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو به خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان کي آءِ ٽي ۽ اقتصادي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن چيو ته آسيان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا ل??ڳا??ا قائم آهن جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ ل??ڳا??ا اقتصادي تعاون ۽ علائقائي استحڪام جي بنياد تي قائم آهن. ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ هڪ پل طور تي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ مختلف خطن ۾ واپار ۽ رابطن تي آسيان جي ڌيان جي تڪميل ڪري ٿو. پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ گڏيل تعاون مختلف شعبن تائين ڦهليل آهي، جيڪو صنعت، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم کي سگهه ٿو. آسيان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري ايشيائي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. جاگرافيائي فاصلي جي باوجود آسيان ۽ پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ هڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ل??ڳا??ن کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پاڪستان جي ”ويزن ايسٽ ايشيا“ پاليسي آسيان ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته آسيان پاڪستان کي پنهنجي ٻاهرئين ل??ڳا??ن ۾ هڪ اهم حصيدار طور اهميت ڏي ٿو. ٻئي ڌريون سفارتي ل??ڳا??ن ۾ اضافي، گڏيل منصوبن ۽ عوامي رابطن جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. عالمي چئلينجن کي منهن ڏيندي آسيان پاڪستان ل??ڳا??ا علائقائي تعاون ۽ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال ايشيا جي لاءِ گڏيل امنگن جو ثبوت آهي. افتتاحي تقريب کانپوءِ گول ميز مباحثي ۾ آسيان ملڪن جي سفارتڪارن، پاڪستان جي سينيئر عملدارن ۽ ڪاروباري نمائندن به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ?? مشنز جي سربراهن سان آسيان ڪارنر جي تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي. تقريب جو مقصد آسيان سان پاڪستان جي بدلجندڙ ل??ڳا??ن جو تجزيو ڪرڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ سان آسيان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي حصيداري کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ پاليسي سفارشون تيار ڪرڻ ۽ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.