اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي ??ي سمورن ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورسٽي ??ي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ ان جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي ??ي سينيٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته يونيورسٽي ??ي سينيٽ جا اجلاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن ي??نيورسٽي ??ي سمورين ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي ??ي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. صدر وقت سر فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اهم عهدن تي مق??ري?? جي ضرورت تي زور ڏنو. يونيورسٽي ??ي سينيٽ پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وائيس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي مقرري جي منظوري ڏني. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي ??ي باقاعده وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي ??وڙڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وائيس چانسلر جي مقرري جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي اردو يونيورسٽي ??ي سينيٽ وفاقي اردو يونيورسٽي ??رڊيننس جي شقن جي ڏس ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان جي صدر جي سينيٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪميٽي ??ون سفارسون سينيٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.