اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجڪاري ڪميشن (ترميمي) آ??ڊي??نس 2023?? جاري ڪري ڇڏيو. آ??ڊي??نس جومقصد نجڪاري معاملن ۾ غيرضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آ??ڊي??نس جي مدد سان نجڪاري ڪميشن آ??ڊي??نس 2000ع جي شق نمبر 28 کان شق نمبر 33 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. آ??ڊي??نس جو مقصد نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل وٽ نجڪاري بابت ديواني ۽ فوجداري معاملن تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوندو. نجڪاري ڪميشن آ??ڊي??نس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪورٽس کي ڏنل اختيار هاڻي نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آ??ڊي??نس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽس کي نجڪاري معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائر?? اختيار حاصل هو. آ??ڊي??نس تحت وفاقي حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪندي. صدر حڪومت پاران تجويز ڪيل ترميمي آ??ڊي??نس کي سيڪشن 28 جي ذي??ي سيڪشن 2 (چار) ۾ تبديلي کانپوءِ منظور ڪيو. صدر تجويز ڪيل حڪومتي آ??ڊي??نس ۾ اپيليٽ ٽربيونل جو چيئرپرسن هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪئي. آ??ڊي??نس تحت سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج نجڪاري ٽربيونل جو چيئرپرسن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ??يمبر پن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلن جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو اختيار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ هوندو. نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپريم ڪورٽ آڏو اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. نجڪاري ڪميشن آ??ڊي??نس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. صدر آ??ڊي??نس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو.