اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ ريڊيو پاڪستان ويو ۽ س??ڻس والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته والده جو ڪو نعم البدل نه آهي، والده جو لاڏاڻو وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، پنهنجي زندگي مان ماءُ ??ي ڪڍي ڇڏيو ته زندگي ۾ ڪجهه نٿو رهي. توهان آ??ري ڏينهن ۾ پنهنجي والده جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جيڪا اطمينان جوڳي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ س??يد احمد شيخ سميت سمورن گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.