اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين ۽ ميڊيا پرسنز جي سهولت لاءِ ميڊيا هيلپ لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ منعقد ميڊيا هيلپ لائين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرڻ پاڪ??تا?? جي عوام سان اسان جو واعدو هو، 17 آگسٽ 2023ع کانپوءِ نگران حڪومت پنهنجي ٻين ذميوارين ۽ معاملن کي سرانجام ڏيڻ کانسواءِ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هر قسم جي مدد ڪئي. هن ??يو ته چونڊن ۾ هاڻي رڳو ٻه ڏينهن باقي رهجي ويا آهن، پاڪ??تا?? جي هڪ سياسي جمهوري تاريخ آهي، پاڪ??تا?? جي پهرين بالغ راءِ ڏيندڙن جي چونڊ 7 فيبروري 1970ع تي ٿي ۽ چونڊن جو هي عمل انهي جو تسلسل آهي. هن ??يو ته ملڪ جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا ۽ اسان ان طرف گامزن آهيون. پاڪ??تا?? جي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام 8 فيبروري 2024ع تي ووٽ جو حق استعمال ڪري پنهنجا نمائندا چونڊيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته موجوده ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ اسان کي پنهنجي ڪم جي طريقن کي جديد ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته ميڊيا هيلپ لائين پليٽ فارم انٽرنيٽ جي سهولت سان ليس ڪنهن به موبائيل، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽر ڊيوائس جي برائوزر جي ذريعي پهچ جوڳي هوندي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق ??حمود ??يو ته ميڊيا هيلپ لائين جي ذريعي صحافين ۽ مبصرن کي هڪ آن لائين پليٽ فارم ميسر آيو آهي جتي اهي پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهندا. هن ??يو ته ميڊيا هيلپ لائين سان مختلف ڊپارٽمينٽس بشمول گهرو وزارت، پوليس، انتظاميا، اليڪشن ڪميشن، پيمرا، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۽ پي آءِ ڊي جي صوبائي آفيسن کي ڳنڍيو ويو آهي. ان هيلپ لائين جو بنيادي مقصد درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر وڌيڪ ??يو ته 7 فيبروري تي اليڪشن جي حوالي سان پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا سيل جو افتتاح پڻ ڪيو ويندو. هن ??يو ته ٻين صوبن ۾ پي آءِ ڊي جي سمورين آفيسن ۾ به اليڪشن سيلز قائم ڪيا ويندا. تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي سوالن تي ڊاڪٽر طارق ??حمود ??يو ته هي هيلپ لائين رڳو اليڪشن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي پر اليڪشن کانپوءِ به ان جي تسلسل تي غور ڪيو ويندو. اطلاعات واري وزارت جي عملدارن ان موقعي تي ٻڌايو ته شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ضابطه اخلاق بابت شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو ويندو.