اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ??ان ??ين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ۽ چيني نائب پرڏيهي وزير هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ??و ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پاڪ ??ين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ ??ين جي نائب پرڏيهي وزير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي ??ين پاران پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري ??کندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن جي لاءِ ??ين جي تياري ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو. ??ين جي نائب پرڏيهي وزير شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت ??ان ??ين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گ??ڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري ??عاون جو خواهشمند آهي.