اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جا??ي ٿيڻ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وز??راعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ??ئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ??ئي آهي، ڪمشنر راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جا??ي ڪند??، پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وز??راعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ??ئي ويندي.