لاهور-28 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي جنرل ڪائونسل اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف کي بنا مقابلي مرڪزي صدر چونڊي ورتو. پارٽي جي مرڪزي صدر جي چونڊن لاءِ مسلم ??يگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مقامي هوٽل ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، وفاقي وزيرن ??طا الله تارڙ، تنوير حسين، امير مقام، خواجه محمد آصف، احسن ??قبال، پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب، مسلم ??يگ (ن) جو مرڪزي اڳواڻ حمزه شهباز شريف، پرويز رشيد، اقبال ظفر جهڳڙا، راجا ظفر الحق، خواجه سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله، شيزه فاطمه، برجيس طاهر، تهمينه دولتانه، حنيف عباسي، خرم دستگير، جاويد لطيف، رانا اقبال سميت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ??ميت چئني ??وبن کان ميمبرن ??رڪت ڪئي. پارٽي صدارت جي چونڊن لاءِ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ??يگ (ن) راڻا ثناءُ الله خان ??در جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن ??ي جاري ڪرڻ ۽ اسڪروٽني ??ي حوالي سان ??گاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته مقرر وقت تائين 10 نامزدگي ڪاغذ مليا جن مان محمد نواز شريف کي صدر طور اميدوار نامزد ڪيو ويو. جانچ پڙتال ۾ سمورا نامزدگي ڪاغذ ضابطي موجب درست قرار ڏنا ويا. راڻا ثناءُ الله جي موجب صدر جي چونڊن ۾ نواز شريف واحد اميدوار آهي جنهن ??ا ڪاغذ مليا ۽ منظور ٿيا. پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جوا جلاس صدر جي چونڊن لاءِ پارٽي آئين ??حت عمل ۾ آندو ويو جنهن ??ي مڪمل تائيد ۽ منظوري ڏ??ندي اجلاس محمد نواز شريف کي مسلم ??يگ (ن) جو صدر قرار ڏي ٿو. جنرل ڪائونسل جي ميمبرن قراراداد جي حق ۾ اٿي تائيد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مبارڪون ڏيندي چيو ته پارٽي محمد نواز شريف تي جنهن ??عتماد جو اظهار ڪيو آهي اهو ان ??ي ڏاهپ ڀري قيادت جو چٽو ثبوت آهي، الله جو شڪر آهي ته پارٽي جيڪا ذميواري مون کي ڏني ??ن مان موثر انداز سان ??رخرو ٿيو آهيان، ان موقعي تي مريم نواز شريف، حمزه شهباز، خواجه آصف ۽ ٻين پارٽي عهديدارن ??در چونڊجڻ تي محمد نواز شريف کي مبارڪون ڏنيون. ان کان ??ڳ اليڪشن منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان ??فصيل بيان ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته 2017ع تي هڪ سازش تحت نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو، انهن ??التن ۾ قائد محمد نواز شريف جي ڊائريڪشن ??ي صدارت محمد شهباز شريف کي سونپي وئي ۽ هن واضح طور تي چيو هو ته هي صدارت مون وٽ امانت آهي ۽ آئون ??ن ??مانت کي ان وقت تائين ??نڀاليندس جيستائين ??روري هوندو، هن چيو ته ڊسمبر 2022ع تي اسان ??ي جنرل ڪائونسل ۽ اليڪشن ٿيڻي هئي پر محمد شهباز شريف جي خواهش هئي ته محمد نواز شريف اچي ته اسان ??نرل ڪائونسل اجلاس ۾ ئي امانت ان ??ي حوالي ڪري ڇڏيون، محمد نواز شريف آڪٽوبر 2023ع ۾ واپس آيو ۽ اوهان ??ڀني ??ن ??و والهاڻو استقبال ڪيو ان کانپوءِ محمد شهباز شريف 11 مئي 2024ع تي مسلم ??يگ (ن) جي صدارت تان ??ستعيفا ڏئي ڇڏي، 18 مئي 2024ع تي ماڊل ٽائون ۾ سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 28 مئي 2024ع تي جنرل ڪائونسل جي جلاس ۾ نئين ??در جي چونڊ ڪئي ويندي. اڄ 28 مئي تي جنرل ڪائونسل جي چونڊن لاءِ رانا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ??وڙيو ويو ۽ متفقه طور تي محمد نواز شريف کي مسلم ??يگ (ن) جو صدر چونڊيو ويو آهي.